جانان بيگم

جانان بيگم: جانان بيگم عبدالرحيم خانخان خانان‘ جي زال هئي، جيڪو بهرام خان جو پٽ هو. هوءَ علم ۽ فضل ۾ ڪمال کي پهتل هئي. قرآن شريف جو هڪ تفسير به لکيو هئائين. جهانگير بادشاھ، سندس جمال توڙي ڪمال جي تعريف ٻڌي، ساڻس شادي ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي، پر بيگم، پنهنجا ڏند ڀڃي ۽ پنهنجا سڀ وار ڪتري، ڳنڍڙي ٻڌي، جهانگير ڏانهن ڏياري موڪليا. بادشاھه سندس مفهوم سمجھي، کيس پاڪدامن ڄاڻي تحسين پيش ڪئي. جان بيگم 1070ھه/1659ع ۾ وفات ڪئي. هيءُ شعر جانان بيگم جو آهي: عاشق ز خلقِ تو پنهان چسان ڪند پيداست از دو چشمِ ترش خون گريستين! [عاشق پنهنجو عشق، خلق کان ڪهڙيءَ طرح لڪائي ٿو سگھي. سندس ٻنهي آلين اکين مان ظاهر آهي ته هو رت ٿو روئي!]


لفظ جانان بيگمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو